آرمي چيف جي مقرري بابت مشاورت وزيراعظم جي صوابديد آهي، اها مقرري وزيراعظم کي ئي ڪرڻي هوندي آهي:خواجا آصف

0
99

آرمي چيف جي مقرري بابت مشاورت وزيراعظم جي صوابديد آهي، اها مقرري وزيراعظم کي ئي ڪرڻي هوندي آهي،“ بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو، نواز شريف سان مشاورت بابت سوال جو جواب ڏيندي خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي نواز شريف سان اڃا ڪا مشاورت ناهي ٿي، اهي هڙئي اخباري خبرون آهن،عمران خان جي امريڪي سازش واري بيانئي کان ڦري وڃڻ تي به تبصرو، چيائين، اهو ڪو عمران خان جو پهريون يوٽرن ناهي، هُو هر شئي تان ڦري ويندو آهي، عمران خان ڪهڙي حالت ۾ هوندو آهي ۽ هو ڇا چاهي ٿو، اهو هُن کي به ياد ناهي رهندو، هِن ماڻهو کي خبر ئي ناهي ته هُو ڇا چئِي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here